علويه لائبريري شڪارپور

علويه لائبريري شڪارپور: شڪارپور جي قديم لائبريرين مان هڪ آهي. جنهن جو بنياد حاجي فقير الله شاهه علوي، 1150هه/1737ع ۾ رکيو، پاڻ وڏو عالم، فاضل ۽ عارف شخص هو. هزارين ماڻهن کانئس ظاهري توڙي باطني علم پرايو، کيس ڪتابن گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سندس ڪتبخاني ۾ عرب ۽ عجم جا تمام ناياب نسخا موجود هئا، نامور عالم مولانا دين محمد وفائي ڪتاب ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ لکي ٿو ته: “علويه ڪتبخاني ۾ حاجي صاحب جي رحلت وقت تقريبن سوا لک کن ڪتاب موجود هئا، پر جيڪڏهن حاجي صاحب جي تاليفات کي سامهون رکندي انهن ڪتابن جي لسٽ ٺاهبي، جن کان هن مدد ورتي آهي ته، انهن جو تعداد به ڏهن پندرنهن هزارن کان گهٽ نه هوندو. ديني ڪتابن ۾ تفسير، حديث، فقه، فلسفو، تصوف، ادب وغيره جا هزارين ڪتاب سندس ڪتبخاني جي زينت هئا. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته: “حاجي صاحب ٺٽي ۽ احمد آباد جي خطاطن کان ڪتاب لکرائي قيمتون ڏيئي گهرائي وٺندو هو.” حاجي فقيرالله شاهه علويءَ جي وفات بعد سندس پٽ مولانا حفظ الله علوي ۽ پوٽي مولانا فخرالدين علوي هن ڪتبخاني کي اوج ڏياريو. مختلف هنڌن تان ناياب نسخا گڏ ڪيا.
آغا بدرالدين درانيءَ هيءَ لائبرري سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏيارڻ جون ڪوششون ڪيون، پر پونيرن ۾ اختلافن سبب لائبرري نه ڏني وئي. آهستي آهستي پونيرن جي عدم دلچسپيءَ سبب لائبرريءَ ۾ ڪيترائي ناياب نسخا ۽ ڪتاب گم ٿيڻ لڳا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو